Faqir Ameer Bux Kaloi- hujat na haldi, was nahin chalda- حجت نه هلدي، وس نهين چلدا

  Рет қаралды 1,976

Jokhio's

Jokhio's

Күн бұрын

صوفي رکيل شاه جو ڪلام... ”حجت نه هلدي، وس نهين چلدا...“
فقير امير بخش ڪلوئيءَ جي آواز ۾... (Vocalist: Ameer Bakhsh Kaloi)
ذريعو: انو سولنگي
سائين رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه، فتحپور لڳ گنداواهه ۾ ، 1262 هجري ڌاري پيدا ٿيا. سندس اصل وڏا شيراز جا ويٺل هئا ۽ ٻارهين صديءَ ۾ هجرت ڪري، سنڌ ۾ گنداواهه ۽ ٺٽي طرف اچي رهيا. گنداواهه ۾ کين جاگيرون مليون. سندس خاندان مان ميان عبدالنبي شاهه وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. جنهن کي ” سوا ڪسيري وارو پير“ چوندا آهن. هن جو روضو فتحپور ۾ آهي، سيد رکيل شاهه عبدالنبي شاهه جو ننڍو ڀاءُ هو. رکيل شاهه وڏي ڀاءُ جي ڏاڍي خدمت ڪئي، انهيءَ ڪري هن کيس دعا ڪئي ۽ ڏس ڏنو ته اوهان جي ميرانپور ۾ امانت رکيل آهي، اتان جا وڃي طالب ٿيو. ان وقت ميرانپور ۾ حضرت صوفي عبدالستار سائين سجاده نشين هو، رکيل شاهه به سندن مريد ٿيو ۽ ذڪر فڪر حاصل ڪري فتحپور ۾ اچي رهيو ۽ فيض عام شروع ڪيائين. پاڻ ستانوي ورهين جي ڄمار ۾ سن 1359 هجري 7 ربيع الثاني تي وفات ڪيائين.
سائين رکيل شاهه قرآن شريف پڙهيل هو ۽ عربي، فارسي چڱي طرح ڄاڻندو هو. رکيل شاهه سنڌيءَ ۽ سرائيڪي جو زبردست شاعر هو. سندس ڪلام سلوڻو، سادو ۽ تصوف جو آئينه دار آهي. سندس ڪلام ۾ 750 ڪافيون، 300 ڏوهيڙا ۽ ٻه سه حرفيون آهن. سندس ڪلام بحرالعشق نالي ڇپيل آهي. هڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو.
اکيون عاشقن جون، شرم ڀريون شاهي،
پسڻ سان ئي پاڪ ٿيون، آين آزل آگاهي،
سدائين ستر پوش ۾، تن جو واحد ٿيو واهي،
اها چاڙهي لاهي، ”رکيل“ سي سمجهي ويون

Пікірлер: 1
@mujeebotho2197
@mujeebotho2197 3 ай бұрын
محبوبن جو ذوق سلامت رھي.
АЗАРТНИК 4 |СЕЗОН 3 Серия
30:50
Inter Production
Рет қаралды 574 М.
Magic or …? 😱 reveal video on profile 🫢
00:14
Andrey Grechka
Рет қаралды 70 МЛН
محفل 1996 پارٹ 6
42:17
Sufi faqeer M paryal qadri qalandar ra
Рет қаралды 6 М.