Рет қаралды 20
شھدادپور
شھدادپور لڳ ڳوٺ نبي بخش سھتو ڀرسان رهندڙ ووئڻن جي چونڊو ڪرڻَ لاء مٺي جي علائقي مان آيلن مان 55 پورهيت مبينه زھريلي مٺائي کائيڻ سبب بيھوش ٿي پيا. جن جو انگ وڌي 60 ٿي ويو.
جنهن ۾ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا شامل آھن. جن کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال آندو ويو. جتي کين طبي امداد ڏئي پئي وڃي.
بيھوشن ٿيندڙن ۾ چتر ڀيل، کتمال، حنيف، اربو، رميش، پريم، سوائي، ميوو، جئي رام، نورا ڀيل، دائي ڀيل، ريشمان، سعيدھ، گليو، رائڌڻ، خميسو، شرمتي راڌان، شريمتي لاڏي، ڀرڀو، شريمتي گلابي، پانچو، هرچند، ڪانو ڀيل ۽ ٻيا شامل آھن.
پورهيتن جي جعمدار گيلڙو ڀيل ٻڌايو ته شھر مان مٺائي وٺي آيس، جيڪا کائيڻ بعد عورتون، مرد، ٻارڙا بيهوش ٿي ويا.
هتي سمس اسپتال ۾ اعلاج جي ڪا به سهولت ميسر ناهي. دوائون خانگي ميڊيڪل اسٽورن خريد ڪري رهيا آھيون. ڊاڪٽرن موجب ته بيهوش ٿيلن ڪا نشي آور شي کاڌي آھي. وڌيڪ ليبارٽري مان چڪاس ڪرائڻ بعد حقيقت پڌري ٿيندي.
ڪي ٽي اين نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي شھدادپور سيد تنوير شاھ ٻڌايو ته جمعدار گيلڙو ڀيل کي حراست ۾ وٺي مٺائي جي دڪاندار کي هٿ ڪرڻ لاء پوليس پارٽي سندس پويان لڳائي ڇڏي آھي. وڌيڪ حقيقت سامهون آڻي ميڊيا کي ٻڌايو ويندو.
31-7-2024