Рет қаралды 4,602
ـيءَ رانـد عـمر ساري - چـل پـل جو آهي چٽڪو
عاشق سمجههُ سَرهو - وٺ احوال درد جهٽ ڪو
مت وٺ مرشد جي - رکُ هوش نه ٿيءُ نٽ ڪو
صاحب سڃاڻ من ۾ - ناهي ڏور ڏيهه ڍٽ ڪو
محبت جي ميدان ۾ - پڙُ خان ملهائي کٽ ڪو
ٻيا سڀ وهم وساري - واٽ برهه مون وٺ ڪو
آهي عشق راهه ۾ اصلؤن - سر واهين جو سٽڪو
پهلي وڃن پهلوان ڪري - پاڻ پنهنجو مٽ ڪو
دنـيـا دورنـگـي ڊوهــي - بـازي اجــايـو اٽڪو
فـانـي فـنـا گـذر ۾ - ڪـوڙو لاڏ ڪـوڙو لٽڪـو
يوسف سوال هي سچ - سالڪ نه سڻي گهٽ ڪو
ريءَ عشق الله ٻيو - ڳالهين سندو نه ڳٽ ڪو