Рет қаралды 3,481
جي هُئين عاشق تَه بَر سِر، مِينهُن مُحبت جو وَساءِ
سَاهه جو سانگو ڪَرين تان، پَــيــر هِن پِـــڙَ ۾ نه پاءِ
پـاڻ ڪُل قربان ڪرِ، هــي دم هـڻـڻ جي ناهي جاءِ
آءُ ادا اعتبار ڪــر، آهــي هـــوش نيندڙ هــيءَ هــواءِ
رَت رُوئـــڻ راتـــو ڏينهان ، آهــي لُــڇـڻ مَـحـبُوب لاءِ
هي ملئي سودو سهانگو، ڪينڪي سِـرَ کون سواءِ
ڪينڪي مُون کان ٿيو، هيَ عـمـر تان ويـئــي اَجـاءِ
هَئي وِساري ني وهڻ، جـاني نه هيئن تو کي جُـڳاءِ
هِـيَ مَهل مـوچـاري آهي، پـوءِ ڪـرينـدين هـاءِ هـاءِ
هـاءِ هَـئي مون هٿ نه ايندُءِ ، ويــــل گذريئي واءِ واءِ
هـي حقيقت حال جي ساري وڃي سـائـيـن سُڻاءِ
سو سـچو مُــرشد ’سـچــوءَ ‘جو،’’ پير عـبدالحق‘‘ آءِ
----- حضرت صوفي سچل فقيرؔ سرمست قدس سره العزيز